گڏيل قومن جو ادارو غزا مان فلسطينين جي جبري بي دخلي خلاف ايڪشن وٺي: سعودي عرب

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته عزا مان فلسطينين جي جبري بي دخلي جي خلاف ايڪشن کنيو وڃي.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان رابطن ۾ زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪندي اسرائيل کي غزا ۾ آپريشن کان روڪي.
سعودي پرڏيهي وزير برطانيا، برازيل، مالٽا، ڀارت، سويڊن ۽ ناروي سوڌو ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل کي عالمي قانونن تي عمل ڪندي عزا جي ناڪه بندي ختم ڪرڻ ۽ علائقي ۾ خوراڪ ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ جي اجازت ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سعودي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل طرفان عزا مان لکين ماڻهن کي زبردستي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪرڻ کي روڪڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.