اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت چئن حاضر سروس فوجي آفيسرن جون خدمتون قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي حوالي ڪري ڇڏيون.
وفاقي حڪومت طرفان سول، عسڪري ۽ پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، وزيراعظم جي منظوري سان پاڪ فوج جي چئن حاضري سروس آفيسرن جون خدمتون سيڪنڊمنٽ جي بنياد نيب جي حوالي ڪيون ڪيون آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، بريگيڊيئر محمد خالد کي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن تي ليفٽيننٽ ڪرنل نديم مظفر ايڊيشنل ڊائريڪٽر، ملٽري انٽيليجنس ڪور مان ميجر خالد ۽ ميجر قيد ڪامران ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب مقرر ڪيا ويا آهن.
سيڪريٽريٽ گروپ گريڊ 21 جي ڊائريڪٽر جنرل ايوان صدر ڊاڪٽر ذالفقار حسين اعواڻ جي بدلي ڪئنسل ڪري کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سيڪريٽريٽ گروپ گريڊ 20 جي 2 او ايس ڊيز اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نيلوفر حفيظ ۽ جميل احمد خان جوائنٽ سيڪريٽريز انڊسٽريز ڊويزن مقرر ڪيا ويا آهن.
ايڊمنسٽريٽو سروس جي آفيسرن ۾ گريڊ 20 جي ڪيپٽن (ر) محمد عثمان جون خدمتون نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي، خيبرپختونخوا ۾ مقرر گريڊ 18 جي آصف رحيم جون خدمتون ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي، انفارميشن گروپ گريڊ 19 جي حنا خالد جون خدمتون نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي حوالي ڪيون ويون آهن.
ڊپٽي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نائلا باقر جوائنٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن مقرر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لکمير جي سينيٽ سيڪرٽريٽ بدلي ڪئي وئي آهي.
پوليس سروس جي گريڊ 19 جي ايس ايس پي حسن مشتاق سکيرا جون خدمتون انٽيليجنس بيرو جي حوالي جڏهن ته گريڊ 18 جي ايس پي حنا منور کي نيشنل پوليس اڪيڊمي بدلي ڪيو ويو آهي.
او ايس ڊي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 18 جي ايس پي بقا محمد جون خدمتون ايف آءِ اي جي حوالي ڪيون ويون آهن، مقرري جي اوسيئڙي ۾ ويٺل عتيق عمار سيڪشن آفيسر رياست ۽ سرحدي معاملا ڊويزن، سيڪشن آفيسر محمد برهان جي بدلي مذهبي معاملا ڊويزن، سيڪشن آفيسر محمد اسعاميل جو دفاع ڊويزن، سحرش مزاري جي بدلي سيڪشن آفيسر ڪابينا ڊويزن طور ڪئي وئي آهي.
سيڪشن آفيسر دفاع ڊويزن حسيب سجاد جون خدمتون نادرا ريجنل هيڊ آفيس پشاور کي واپس ڪيون ويون آهن.