پشاور ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته ڊالر سستو ٿيڻ سان مُلڪ جو چار ارب رُپين جو قرض گهٽجي ويو آهي.
گورنر هائوس پشاور ۾ واپارين ۽ ميڊيا سان گفتگو ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڊالر جي هيٺ اچڻ سان چار هزار ارب رُپين جو قرض گهٽجي ويو، تمام جلد پيٽرول جي نئين قيمت ايندي.
انوار الحق چوڻ هو ته پاڪستان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان هڪ سئو سالن تائين وڙهندو، ٽي ٽي پي وارا اسان جي ٻارن کي ماري رهيا آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.
هن چيو ته اسان پاليسي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جي آهي، افغان پناهگير واپس ويندا.
نگران وزيرِاعظم وڌيڪ چيو ته نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ويو آهي، جڏهن واپس ايندو جيئن قانون چوندو نگران حڪومت ائين ڪندي.