سعودي عرب غزا مان فلسطينن جي جبري نيڪالي کي رد ڪري ڇڏيو

رياض(ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب اسرائيل طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي غزا مان فلسطينين جي جبري نيڪالي کي رد ڪري ڇڏيو.
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان برطانوي هم منصب ۽ يورپي يونين جي اعليٰ عهديدارن کي فون ڪندي چيو ته اسرائيل عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي پابندي ڪري.
هن چيو ته غزا جي ناڪابندي ختم ۽ امدادي شيون پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي.
سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته برطانيا عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ جاري ويڙهه سبب سعودي اسرائيل لاڳاپا معمول تي آڻڻ وارو عمل منجمد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.