پاڪ-ڀارت ٽاڪرو، ويرات ڪوهلي وڏي غلطي ڪري ويٺو!

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي وڏي غلطي ڪري ويٺو.

ويرات ڪوهلي ٿوري دير لاءِ ميدان کان ٻاهر ويو جنهن جو سبب غلط جرسي پائڻ هو، ڀارتي ڪرڪيٽر طرفان پهريل جرسي جي ڪلهي تي اڇي رنگ جو پٽيون هيون، جڏهن ته ڀارت جي ورلڊ ڪپ جرسي ۾ قومي جهنڊي ترنگي جي رنگ واريون پٽيون ٺهيل آهن.

ڪوهلي بابت ڪيئي ڀارتي واهپيدارن ٽوئيٽ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ويرات غلط جرسي پائي ميدان ۾ آيو آهي، نشاندهي تي ڀارتي بيٽر گرائونڊ مان ٻاهر ويو ۽ جرسي تبديل ڪري واپس آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.