علي ظفر پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ عالمي ڪپ لاءِ تيار ڪيل پنهنجو ترانو جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني راڳي، موسيقار ۽ اداڪار علي ظفر مداحن سان واعدو پاڙيندي عاليم ڪپ لاءِ نئون ترانو جاري ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام جاري ڪندي راڳي پنهنجي مداحن گيت رليز ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو.

هن پوسٽ ۾ لکيو ته ” ڪاش مون وٽ وقت هجي ها پر ڪرڪيٽ ۽ پنهنجي مداحن جي محبت خاطر هڪ ڀيرو وري ڀاءَ حاضر آهي، ”پيش آهي مزا آيا“، انجواءِ ڪيو.

ياد رهي ته علي ظفر گذريل ڏينهن اندرون لاهور ۾ تراني جي وڊيو جي عڪسبندي ڪئي هئي، آءِ سي سي به ٽوئيٽ ۾ علي ظفر جي جذبي کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

علي ظفر جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته گيت ٻڌي مزو نه اچي ته پئسا واپس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.