احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) احمد آباد پاڪ-ڀارت ميچ سبب جتي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي اتي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي شهر کي ” نو ڊرون زون “ قرار ڏنو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، احمد آباد پوليس اڄ نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران شهر کي ” نو ڊرون زون “ قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
احمد آباد پوليس طرفان شهر مٿان اڄ ڊرون اُڏائڻ سان گڏ هاٽ بلون ۽ جنگي جهاز اُڏائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اِها پابندي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته دهشتگرد تنظيمن يا سماج دشمن عنصر ميچ دوران ننڍا جهاز يا ڊرونز جو استعمال ڪرڪيٽرز ۽ تماشائين لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.
ميڊيا رپورٽن موجب، نوٽيفڪيشن ۾ پوليس، سيڪيورٽي ايجنسين، گجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ بي سي سي آءِ کي پابندي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.
ٻئي پاسي احمد آباد پوليس پاڪ-ڀارت ميچ جون جعلي ٽڪيٽون ڇاپيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.