مُلڪ ۾ سون هزارين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ في تولو سون ٻه ڏينهن لڳاتار لاٿ کانپوءِ اڄ هزارين رُپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون چار هزار نوَ سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد في تولو سون ٻه لک ٻه هزار رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت به چار هزار 201 رُپين جي اضافي بعد هڪ لک 73 هزار 182 رُپيا ٿي وئي آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون 46 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد في اونس 1938 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.