سعودي عرب پاران اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي بابت ڳالهيون معطل

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ جاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون.

پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيل جا فلسطين تي حملا ۽ غزا ۾ ٿيل تباهي کانپوءِ سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ جاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون جنهن بابت آمريڪا کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز ۽ بلوم ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب ڳالهين جا دروزا بند ناهي ڪري رهيو پر فلسطين ۾ جاري ويڙهه جي خاتمي تائين ڳالهه ٻول جو عمل روڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فلسطين واري معاملي تي ايراني صدر سان به گفتگو ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.