سعودي عرب جي اسپتالن ۾ هاڻي روبوٽ به ڪم ڪندا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسپتال ۾ هاڻي انساني عملي سان گڏ روبوٽ به ڪم ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ”نور آر ون“ نالي روبوٽ دي ڪنگ فيصل اسپيشل اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر ۾ ڪم ڪندا جيڪي مريضن سوڌو مريضن جي سار سنڀال ڪندڙن جو به خيال رکندا.
اسپتال ۾ روبوٽ متعارف ڪرائڻ جو مقصد ڇا آهي؟
اسپتال انتظاميا موجب ان روبوٽ کي اسپتال جي عملي کي جديد ترين ڄاڻ ۽ ٽيڪنالوجي جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ خاص طور تي پروگرام ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ملازمن ۽ مريضن ٻنهي جي گڏيل تجربي کي وڌائڻ آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ”نور آر ون“ روبوٽ کي اسپتال جي هيلٿ ڪيئر انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو عربي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪندو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب انهن روبوٽس سان سعودي عرب ۾ صحت جي سهولتن ۾ نمايان تبديلي آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.