هڪ شرط تي عورت مارچ ۾ شرڪت ڪندس: خليل الرحمان قمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊراما نگار خليل الرحمان قمر عورت مارچ ۾ شرڪت لاءِ مشروط رضامندي ظاهري ڪري ڇڏي.
خليل الرحمان قمبر هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو جو مهمان بڻيو جنهن دوران شو شرڪت ڪندڙن ۾ موجود هڪ عورت هن کان عورت مارچ جي حوالي سان سوال ڪيو.
عورت چيو ته هوءَ خليل الرحمان قمر کي عورت مارچ ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي رهي آهي ڇا هو شرڪت ڪندو؟ ان جي جواب ۾ ڊراما نگار جو چوڻ هو ته هو عورت مارچ ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي پر هڪ شرط آهي.
هن شرط ٻڌائيندي چيو ته عورت مارچ ۾ استعمال ٿيندڙ خراب نعرا هٽائي ڇڏيو ته آئون ايندس، مون کان وڌيڪ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪير آهي؟ آئون عورت مارچ ڪندڙ انتظاميا سان ميٽنگ ڪئي آهي ۽ چيو ته آئون هڪ سڍو لکندڙ آهيان آئون عورت مارچ لاءِ سٺا نعرا لکي ڏيان ٿو.
خليل الرحمان جو چوڻ هو ته عورت مارچ ۾ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اتي عورت جي حقن جي ڳالهه هجي ته آئون ايندس ۽ اهو آئون اڳ به چئي چڪو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.