حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ گذريل ڏينهن پنهنجي پهرين ميچ کيڏندڙ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن هڪ ڀيرو وري انجري جو شڪار ٿي ڪيئي ميچن کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن آءِ پي ايل دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو جنهن سبب سندس گوڏي جي سرجري پڻ ٿي هيئ ۽ هو ورلڊ ڪپ کان اڳ ري هيب پراسيس مڪمل ڪري ٽيم ۾ واپس آيو هو.
ڪين وليمسن مڪمل فٽ نه هئڻ سبب ورلڊ ڪپ جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ حصو نه ورتو هو جڏهن ته گذريل ڏينهن بنگلاديش خلاف ميچ هن نه رڳو شرڪت ڪئي پر ففٽي پڻ اسڪور ڪئي.
An X-ray has confirmed an undisplaced fracture to Kane Williamson’s left thumb.
He will remain in the @cricketworldcup squad with the aim of being available for the back end of pool play next month.
Tom Blundell will travel to India as cover. #CWC23 https://t.co/5CjHG0FV9h
— BLACKCAPS (@BLACKCAPS) October 14, 2023
ڪيوي ڪپتان 78 رنسون اسڪور ڪيون هيون ان دوران بنگلاديشي بالر جو بال سندس کاٻي هٿ جي آڱوٺي تي لڳو جنهن سبب کيس رٽائرڊ هرٽ ٿي ميدان مان ٻاهر وڃڻو پيو.
ميچ کانپوءِ هن ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيوته سندس آڱوٺي ۾ سوڄ آهي.
هاڻ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌايو ويو آهي ته ڪين وليمسن جي آڱوٺي جو ايڪسري ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ فريڪچر سامهون آيو آهي.
سوشل ميڊيا ۾ ٻڌايو ويو آهيته ڪين وليمسن ان اميد سان ورلڊ ڪپ دوران ٽيم سان گڏ رهندو ته ايندڙ مهيني ٿيندڙ پول ميچ ۾ شرڪت ڪري سگهي، پر سندس جاءِ تي ٽام بلندڙ کي ڪور رانديگر طور ڀارت طلب ڪيو ڪيو ويو آهي.