ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز 13 ڪروڙ ماليت جا آءِ فون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪسٽم انٽيليجنس انعام وزير موجب، جناح ٽرمينل تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي قيمتي آءِ فونز جي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، شارجا کان ايئر عربيه جي اُڏام ذريعي ايندڙ مسافرن وٽان تيرنهن ڪروڙ ماليت جا 168 آءِ فونز هٿ ڪيا ويا.
مسافر بين القوامي آمد کان ڪليئرنس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اسمگلرن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ۽ آءِ فونز ضبط ڪيا ويا آهن.
گرفتار مسافرن جو تعلق اسمگلرن جي منظم گروهه سان آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.