سڄي دنيا ۾ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون

مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ آمريڪا کان وٺي آفريقا ۽ ايشيا کان وٺي يورپ تائين مختلف ملڪن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي.
نيويارڪ ٽائمز اسڪوائر تي هزارين ماڻهن مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي جڏهن ته سٽي يونيورسٽي نيويارڪ جا شاگرد به فلسطينين جي حمايت ۾ نڪتا ۽ فلسطينين جي حق ۾ نعرا هنيا.
برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ به فلسطين ۾ اسرائيلي بمباري جي خلاف احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ هر رنگ ۽ نسل جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ فلسطين تي ٿيل ظلم تي آواز اٿاريو.
يورپي ملڪ اٽلي ۾ به وڏي انگ ۾ ماڻهو فلسطينين جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري آيا جڏهن ته جرمني جي شهر ميونخ ۾ پابندي جي باوجود ماڻهن اسرائيلي جارحيت جي خلاف احتجاج ڪيو.
فرينڪفرٽ ۾ فلسطين جي حمايت ۾ ريلي تي سماجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ترڪيه ۾ به فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.
ڏکڻ آفريقا ۾ به غزا ۾ اسرائيلي بربريت خلاف احتجاج ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي نيلسن منڊيلا جي پوٽي ڪئي.
يمن ۾ لکين ماڻهن فلسطينين جي حق ۽ اسرائيل جي خلاف احتجاج ڪيو جڏهن ته عراقي راڄڌاني بغداد جو تحرير اسڪوائر مظاهرن جي نعرن سان گوجهي پيو، اردن ۾ هزارين مظاهرين طرفان اسرائيلي سرحد ڏانهن مارچ ڪيو ويو جنهن کي روڪڻ لاءِ اردني سيڪيورٽي فورسز مظاهرين تي شيلنگ ڪئي.
تهران ۾ احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو اسڪوائر وٽ پهتا جڏهن پاڪستان جي تقريبن سڀبني ننڍن وڏن شهرن سوڌو مصير، شام، قطر، اجلزائر ۽ تيونس ۾ فلسطينين جي حق ۾ ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاج ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.