فلسطينين کي غزا مان ڪڍڻ جا تباهه ڪندڙ انساني اثر پئجي سگھن ٿا: انتونيو گوتريس

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جرنل انتونيو گوتريس اسرائيل طرفان غزا مان فلسطينين جي نڪرڻ جي الٽيميٽم کي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي.
اسرائيل فلسطينين کي 24 ڪلاڪن ۾ غزا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته فلسطينين اسرائيلي الٽيميٽم کي رد ڪندي پنهنجا علائقا ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪٽري جنرل انتونيو گوتريس به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل طرفان فلسطينين کي غزا مان ڪڍڻ جا تباهه ڪندڙ انساني اثر پئجي سگھن ٿا.
انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته نڪرڻ جو حڪم گھٽ ۾ گھٽ 11 لک فلسطينين تي لاڳو ٿيندو، متاثر علائقا اڳ ئي اسرائيلي گھيري ۽ مبمباري جي وڪڙ ۾ آهن، متاثر فلسطيني علائقا ٻارڻ، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ کان به محروم آهن.
سندن چوڻ هو ته متاثر علائقن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو گڏيل قومن تحت پناهه گاهن ۾ رهي رهيا آهن، ماڻهن کي اسڪولن، هيلٿ سينٽرز ۽ ڪلينڪس ۾ به رکيو ويو آهي، نڪرڻ وارو اسرائيلي حڪم هزارين ٻارن تي به لاڳو ٿيندو، غزا جي تقريبن اڌ آبادي 18 سان کان ننڍي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ عزا جي ڳڻپ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گنجان آباد هنڌن ۾ ٿيندي آهي.
يو اين سيڪريٽري جنرل اسرائيل جي غزا خالي ڪرڻ جي الٽيميٽم کي ڳڻتي جوڳو ۽ خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته متاثر فلسطيني علائقا اڳ ئي اسرائيلي بمباري سبب ملبي جو ڍير بڻجي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.