غزا ۾ اسرائيلي جارحيت روڪرائڻ لاءِ روس ميدان ۾ اچي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي بربريت روڪرائن لاءِ روس ميدان ۾ اچي ويو، روس فلسطين اسرائيل ويرهه تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءَ جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو.

روس طرفان گڏيل قومن جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي بند ڪمري جي اجلاس ۾ مسودو پيش ڪيو ويو.

روس طرفان پيش ڪيل مسودي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته انسان بينادن تي جنگ بندي ڪئي وڃي، شهرين تي تشدد ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي.

هڪ صفحي تي ٻڌل مسودي ۾ يرغمالين جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي محفوظ نڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته سعودي عرب به اسرائيل طرفان سويلين آبادي کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي عزا مان فلسطينين کي جبري طور ڪڍڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.