31 بيضن جو آمليٽ کائو ۽ 1 لک رپيا کٽيو، اها آفر ڪير ڪري رهيو آهي؟

هڪ، ٻه، ٽي يا چئن بيضن جو آمليٽ ته سڀ کائي سگھن ٿا پر ڇا ڪڏهن اوهان ڪنهن کي 31 بيضن جو آمليٽ کائيندي ٻڌو يا ڏٺو آهي؟
يقينن نه ڏٺو هوندو پر ڀارتي راڄڌاني دهلي ۾ هڪ اسٽريٽ فوڊ وڪرو ڪندڙ صاحب بيضن جو چئلينج متعارف ڪرايو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي 31 بيضن جو آمليٽ کائيندڙ کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب راجيو ڀائي نالي دڪاندار اهو انوکو آمليٽ ڪڍيو آهي جنهن ۾ 31 بيضن سوڌو مخلتف ڀاڄيون، ڪباب، پنير ۽ مکڻ شامل ڪيو ويندو.
اها وڊيو هلندڙ سال جي شروعات ۾ فيبروري ۾ پهريون ڀيرو سامهون آئي جنهن کان پوءِ هاڻي ٻيهر سوشل ميڊيا سوڌو ڀارتي ميڊيا تي ان آڇ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ڇو جو اها آفر اڃا تائين موجود آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته 31 بيضن جي آمليٽ ۾ 4 وڏين مکڻ جي ٽڪين سوڌو پنير، ڪباب، بصر، ٽماٽن ۽ مرچن سوڌو سلاد جا پن ۽ ڊبل روٽي جا ٽڪر شامل ڪيا پيا وڃن.
ميڊيا جي رپورٽس موجب ان آمليٽ جي قيمت 1320 ڀارتي رپيا آهي، پر چئلينج قبول ڪندڙ کي اهو آمليٽ 30 منٽن ۾ کائڻو پوندو، جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته ان کي هڪ لک ڀارتي رپيا ڏنا ويندا، پر چئلينج پورو نه ڪندڙ کي 1320 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.

چراغ برجاتيا نالي فٽنس ايڪسپرٽ اها وڊيو شيئر ڪئي آهي.
وائرل ٿيل وڊيو تي ڪيترن ئي واهپيدارن تنقيد ڪئي آهي، ڪجهه جو چوڻ هو ته عام انسان جو معدو اهو برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.