کَلَ ۽ هڏا کائيندڙ ناياب جيت دريافت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي ملڪ ويلز جي ٻيٽ تي کَلَ کائيندڙ ناياب جيت دريافت ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابر اداري جي رپورٽ موجب اها ناياب مخلوق برطانيا جي ويلز جي فليٽ هولم ٻيٽ تي ڏٺي وئي آهي جنهن جي نسل جو نالو ڊرميسٽيس انڊوليٽس (Dermestes undulatus) آهي.
فليٽ هولم جي ڪميونٽي انگيجمينٽ آفيسر سارا مورگن موجب ان ناياب مخلوق جي خوراڪ مُئل جانورن جي کَل ۽ هڏا آهي.
سارا مورگن جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو وهيلز ۾ ان جيت کي دريافت ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2020ع کان پوءِ انگلينڊ ۾ ان کي ناهي ڏٺو ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب سائنسدانن طرفان خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو نسل برطانيا ۾ ان مخلوق جو آخري نسل ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.