ٽڪ ٽاڪ طرفان واهپيدارن کي ان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان ڪمائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ نيون تبديليون ڪيون پيون وڃن.
ان مقصد لاءِ ٽڪ ٽاڪ ۾ وائرل فلٽرز ۽ افيڪٽس تيار ڪندڙ ماڻهن لاءِ آمدني حاصل ڪرڻ سولو بڻايو پيو وڃي.
واضح رهي ته مئي 2023ع ۾ ٽڪ ٽاڪ طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته وڊيوز پوسٽ ڪرڻ کانسواءِ به واهپيدارن لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان آمدني حاصل ڪرڻ ممڪن بڻايو پيو وڃي.
ان مقصد لاءِ وڊيو شيئرنگ ايپ طرفان ”افيڪٽ ڪريئيٽر روارڊز“ فنڊ متعارف ڪرايو ويو هو.
ان فنڊ جي ذريعي واهپيدارن پنهنجي تيار ڪيل وائرل فلٽرز ۽ اگيومينٽڊ ريئلٽي (اي آر) افيڪٽس ذريعي پيسا ڪمائي سگھن ٿا.
ان موقت ٻڌايو ويو هو ته ڪمپني فنڊ لاءِ 60 لک ڊالرز مختص ڪيا آهن جڏهن ته هو شروعات ۾ آمريڪا، فرانس، جرمني، اٽلي، اسپين ۽ برطانيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.
هاڻ ان پروگرام ۾ شموليت جي شرطن کي نرم ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ملڪن جي واهپيدارن کي به ان جو حصو بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي.
هاني آسٽريليا، برازيل، ڪئناڊا، جاپان، انڊونيشيا، فن لينڊ، آئرلينڊ، ڪوريا، ملائيشيا، نيڌرلينڊز، فلپائن، پولينڊ، گڏيل عرب امارتن ۽ ويتنام سان واسطو رکندڙ واهپيدار به وائرل فلٽرز ۽ افيڪٽس سان پيسا ڪمائي سگھندا.
ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ شرطن کي به تبديل ڪيو پيو وڃي.
مئي ۾ ڪمپني ٻڌايو هو ته هر اهڙو افيڪٽ ۽ فلٽر جنهن کي 3 مهينن دوران 5 لک وڊيوز ۾ استعمال ڪيو ويندو، ان کي ٺاهيندڙن کي 700 ڊالرز ڏنا ويندا.
5 لک کان پوءِ هر اضافي هڪ لک وڊيوز ۾ ان افيڪٽ کي استعمال ڪرڻ تي ڪريئيٽر کي اضافي 140 ڊالرز ڏنا ويندا.
هاڻ ان ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پروگرام ۾ شموليت لاءِ واهپيدارن کي گھٽ ۾ گھٽ 5 فلٽرز پوسٽ ڪرڻا پوندا جن مان 3 جو هڪ جو هڪ هزار وڊيوز ۾ استعمال ٿيڻ ضروري هوندي، جنهن کان پوءِ اهي آمدني جا حقدار هوندا.
يعني فلٽرز گھڻو مشهور ٿيڻ جي ضرورت نه هوندي.
اهڙيءَ طرح هر اهڙو افيڪٽ جنهن کي ٽن مهينن دوران ٻه لک وڊيوز ۾ استعمال ڪيو ويندو، ان کي ٺاهيندڙ لاءِ پيسا ڪمائڻ ممڪن ٿي ويندو.
ڪمپني طرفان وڌيڪ آمدني لاءِ اضافي هڪ لک وڊيوز جو شرط به ختم ڪيو پيو وڃي.
هاڻ ٻه لک وڊيوز جي حد ٽپڻ کان پوءِ هر اضافي وڊيو ۾ افيڪٽ جي استعمال تي واهپيدارن کي پيسا ڪمائڻ جو موقعو ملندو، پر ان حوالي سان ڪمپني وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا.