موسمياتي تبديلي جي هڪ ٻئي سنگين اثر جو انڪشاف

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي اداري (ڊبليو ايم او) موسمياتي تبديلين جي هڪ ٻئي خطرناڪ اثر جو انڪشاف ڪيو آهي.
عالمي اداري طرفان جاري ڪيل اسٽيٽ آف گلوبل واٽر ريسورسز رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب آبي چڪر جو توازن تيزي سان بگڙجي رهيو آهي.
ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر Petteri Taalas ٻڌايو ته اسان ڪجهه خطن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪجهه حصن ۾ پاڻي جا گھڻا بُخار بڻجي اڏامي رهيو آهي، جنهن سان سطح خشڪ ٿي رهي آهي ۽ ڏڪار جي شدت وئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسان جي دنيا جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ (اهي علائقا جتي پاڻي وهي ڪنهن درياهه ۾ ويندو آهي) ۾ درياهي پاڻي جي سطح ۾ گھٽتائي ٿي آهي ۽ گھڻا حصا معمول کان وڌيڪ خشڪ ٿي ويا آهن، جنهن جو هڪ مثال چين جي درياهه yangtze جو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ٻي پاسي ڪجهه خطا جهڙوڪ پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ سبب 17 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
ڊبليو ايم او جو چوڻ هو ته اڃا اسان دنيا جي تازي پاڻي جي ذخيرن جي حقيقي حالت بابت گھٽ ڄاڻون ٿا.
عالمي اداري طرفان پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان پاليسين ۾ بنيادي تبديلي جو مطالبو به ڪيو ويو.
گڏيل قومن موجب هن وقت سڄي دنيا ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ ماڻهن کي هر سال گھٽ ۾ گھٽ هڪ مهيني تائين مناسب مقدار ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته اهو انگ 2050ع تائين 5 ارب کان وڌي ويندي.
رپورٽ موجب گليشيئر ۽ برفاني سطح تيزي سان ڳري رهي آهي جڏهن ته گرمي پد لاڳيتو وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري آبي چڪر متاثر ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.