بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي چاهيندڙن لاءِ اهم خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجي مداحن لاءِ هڪ خاص تحفي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تيرنهن آڪٽوبر تي ڀارت ۾ ” نيشنل سئنما ڊي “ ملهايو ويندو، ان ڏينهن جي مناسبت سان سُپر اسٽار شاهه رخ خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ڀارتي مداحن لاءِ خاص تحفي جو اعلان ڪيو آهي.

شاهه رخ خان پنهنجي آخري رليز ٿيل فلم جوان جو پوسٽر پوسٽ ڪندي لکيو ته مان سئنما گهر سان محبت لاءِ نيشنل سئنما ڊي جي موقعي تي اوهان سڀنلي لاءِ هڪ خاص تحفي کڻي اچي رهيو آهيان.

اداڪار چيو ته تيرنهن آڪٽوبر تي ڪنهن به سئنما گهر وڃو ۽ صرف 99 رُپين ۾ ٽڪيٽ حاصل ڪري فلم ” جوان ڏسو“ .

13 آڪٽوبر تي ڀارت ۾ نيشنل سئنما ڊي ملهايو ويندو ۽ ان موقعي تي فلمي پرستار پنهنجي پسند جي ڪا به فلم صرف 99 رُپين ۾ جي ٽڪيٽ ۾ سئنما گهرن ۾ ڏسي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.