حماس جي حملن ۾ اسرائيل جي تباهي کي لڪائڻ لاءِ ميٽا تي دٻاءُ

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين حماس جي اسرائيل تي حملن کان پوءِ اسرائيلي تباهي لِڪائڻ لاءِ ميٽا تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي باني کي قانون موجب جواب ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو آهي.
يورپي يونين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اسرائيل تي حماس جي حملي جي حوالي سان غلط ڄاڻ ڏيکاري وئي آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ تصويرون ۽ وڊيوز به شامل آهن.
ميٽا جي ترجمان پرڏيهي خابرو اداري کي پنهنجي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته حماس جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ فوري طور تي هڪ خاص آپريشن سينٽر قائم ڪيو جنهن ۾ عبراني ۽ عربي ڳالهائيندڙن شامل آهن ته جيئن تيزي سان تبديل ٿيندڙ ان صورتحال جي نگراني ڪندي ان جو جواب ڏئي سگھجي.
هن چيو ته اسان جون ٽيمون پليٽ فارمز کي محفوظ رکڻ لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي اسان جي پاليسين يا مقامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مواد تي ڪارروائي ڪري رهي آهي جڏهن ته ان حوالي سان غلط ڄاڻ جي پکيڙ کي محدود ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ يورپي يونين سوشل ويب سائيٽ ايڪس تي به ان حوالي سان دٻاءُ وڌو آهي جنهن کان پوءِ حماس سان سلهاڙيل سمورن اڪائونٽس کي ختم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.