ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) وفاقي حڪومت پاران افغانين لاءِ نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ واري اعلان بعد ٺٽي ۾ غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ آپريشن شروع نه ٿي سگھيو، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، سوشل ميڊيا تي ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ مھم جاري، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ آپريشن بعد افغانين ملير، ٺٽو ۽ ڄامشورو جو رخ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، پھرين کان اڳ ئي قائم بستيون ۽ موجود افغانين خلاف ڪو به آپريشن نه ٿي سگھيو، ويتر افغانين جي آمد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ افغانين خلاف آپريشن شروع نه ٿي سگھيو، ٻنھي ضلعن جي ايس ايس پيز پاران سوشل ميڊيا تي ھڪ اشتھار جاري ڪري پنھنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي. جڏھن نه افغانين جي قائم بستين ڌاٻيجي، مارڪيٽ، غريب آباد، گھارو، سامونڊي پٽي، چوھڙ جمالي، ڇڇ جھان خان ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن نه ٿيڻ سبب افغانين جي آمد وڌي وئي آھي، جنھن سبب ھن خطي جا ماڻھو افغانين جي وڌندڙ لوڌ سبب سخت پريشان آھن، ٺٽي جي ڪوھستاني ۽ سامونڊي پٽي سميت مختلف علائقن ضلعي ھيڊڪوارٽر مڪلي، ٺٽو، جھمپير، داٻيجي، غريب آباد، مارڪيٽ، گھارو، ميرپور ساڪرو، ڳاڙھو، ٻگھاڻ سميت ٻين ۾ علائقن ۾ غير ملڪين جي نشاندھي باوجود سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي.