پناهگيرن جا سهولتڪار پاڪستان جو خيال ڪن،سنڌين کي نه ڇيڙيو وڃي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي، وفاقي سرڪار جي اعلان جي آجيان ڪيون ٿا، پناهگيرن جي نيڪالي واري عمل ۾ اسان نگران سرڪار، عدليا ۽ وفاق سان گڏ آهيون، هاڻ ڪجهه اڳوڻا ڪميونسٽ ۽ مولوي صاحبان غير قانوني طور تي رهندڙ  پناهگيرن جي حق ۾ نڪري پيا آهن، اهي چون ٿا ته ڀلي ڌماڪا ٿين، ڪراچي، لاهور، سيوهڻ، شاهه نوراني تي ماڻهن جو خون وهي، پر پناهگيرن کي واپس ناهي موڪلڻو، اهي مولوي صاحبان ۽ اڳوڻا ڪميونسٽ چاهين ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو خون ڀلي پيو وهي پر غير قانوني پرڏيهي ڀلي هتي رهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين ساڍا 8 سئو ڪلوميٽر روڊ آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان ڪروڙين سنڌي رهن ٿا، ان ڪري سنڌين کي نه ڇيڙيو وڃي، پناهگيرن جا سهولتڪار پاڪستان جو خيال ڪن، پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ پناهگيرن جي حمايت ڪرڻ بند ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هٽڙي باءِ پاس تي قومي عوامي تحريڪ پاران “سنڌ بچايو ملڪ بچايو” جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي ۾ وڏي انگ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. اياز لطيف پليجو چيو ته اسان اسلام آباد وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جڏهن سڀئي قومون پوئتي هيون انهن صوبن جون ان وقت جون وڏيون پارٽيون پاڪستان ٺاهڻ جي مخالف هيون، پر سنڌي اها واحد ماڻهو هئا جن پاڪستان جي لاءِ سڀ کان پهريان قرارداد پاس ڪئي. هن چيو ته اسان اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا، پر جيڪڏهن هو پاڻ کي مهاجر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي آهي،آئون ان تي ڪجهه نه چوندو، هو ڀلي اجرڪ ۽ ٽوپي نه پائين، انهن جي مرضي آهي، پر انهن تي فرض آهي ته هو سنڌ جي وحدت تي ڪو وار نه ٿئي، اسان سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته اهو ڪنهن غنڊي کي حق ناهي ته هو ڪراچي ۾ ڪنهن سنڌي آفيسر جي لاءِ چوي ته هي هتي ڇو آهي. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي ته جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو کي جيلن ۾ رکيو ويو، ڪهڙو سبب آهي ته اسان جي مٿان پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو، سجاد علي شاهه کي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو ويو، سنڌي ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ نه رکيو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به سنڌي جج ناهي، قرارداد اسان پاس ڪيون پر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني ويندي، شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويندو، ماڙي جلباڻي ۾ اسان کي لاش ڏنا ويندا، فاطمه ڦرڙو جو لاش ڏنو ويندو، قرارداد به اسان پاس ڪيون ته اسان جي مٿان ڪرپٽ حڪمران مڙهيا ويندا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙو ملڪ، اهڙو ماحول ۽ زمانو جنهن ۾ هر شي وڪامندي هجي، هر شي جو اگهه هجي، گاڏين ۾ ڀري ٻڪرن وارن ماڻهن کي سٿي برياني جي پليٽ ۽ 5 سئو هزار جي ڏهاڙي جي لاءِ وينن ۽ ٽرڪن ۾ وجهي جلسي گاهه ۾ پهچايا ويندا هجن، جتي اهو اگهه لڳي ته ڦلاڻو ڪرپٽ وڏيرو ۽ وزير هيترا ماڻهو وٺي ايندو، جتي وزير ۽ حڪمران ڀتاخور، ڪرپٽ ۽ ٺڳ پيسن تي ماڻهن جو شو آف ڪندا هجن، جنهن کي ٽڪيٽ کپي ماڻهو واڙي اچي، اتي هن طريقي سان توهان غيرتمند سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ اچي جلسي گاهه ۾ پهچو ته اسين آهيون سنڌ جو آواز هن چيو ته  جنهن سنڌ ۾ نوشهروفيروز جي هڪ ڪلرڪ اڍائي ارب روپيا نيب کي ڏئي پنهنجا جان ڇڏائي هجي ان سنڌ ۾ تباهي جو اندازو ته لڳايو، هن چيو ته برصغير ۾ اهڙي ڪا به پارٽي ناهي جنهن ٽرين مارچ ڪيو هجي، پر فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو جي پارٽي قومي عوامي تحريڪ ٽرين مارچ ڪيو، 8 آڪٽوبر 2009ع تي 47 ڏينهن جو ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو، ڪراچي ۾ 22 مئي تي گوليون پئي هليون، پر اسان ڀڄي نه ويا هئاسين، گولين ۾ اسان جو مارچ جاري هو، سنڌ جي جزيرن تي حملا ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ مارچ ڪيا، ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين محبت سنڌ ريليون ڪڍيوسين. هن چيو ته جيڪي سوچين ٿا ته ڪجهه ڪون ٿيندو، انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي ٿئي ته پيو، پاڻ سان حشر آهي، پر هلندا پيا هلو، سنڌ اڃا تائين غلام داري ۽ سرمائيداري واري دور مان پئي گذري. هن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن جي حمايت ڪرڻ بند ڪيو، توهان ڪهڙا ماڻهو آهيو ته زبان جي بنياد تي پناهگيرن جو تحفظ پيا ڪريو، روهنگي، بنگالي، برمي ۽ افغاني سميت هر غير قانوني رهندڙ پناهگيرن کي ڪڍي ٻاهر ڪيو وڃي. هن ماڙي جلباڻي واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته جن سان ظلم ٿئي انهن کي انصاف وٺڻ جي لاءِ فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌين کي سوچڻو پوندو ته توهان جي طاقت هٿيار ۾ نه پر پرامن جرئت، جدوجهد، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو حلقو آهي جيڪو پيپلزپارٽي جي حمايت ۾ چوندو آهي ته ڪهڙا به آهن پنهنجا آهن، پر سنڌ ۾ روز ڪيتريون ئي نياڻيون ڪسجن ٿيون ۽ مارجن ٿيون، انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن جي لاءِ نياڻيون روڊن تي ڌڪا ٿيون جهلين، ان ڪري پيپلزپارٽي جي حمايت ۾ دليل ڏيندڙ اهڙن ماڻهن کي چوان ٿو ته پنهنجو ته چنيسر به هو، سنڌين کي ته دودو، دولهه درياءَ خان ۽ هوشو شيدي بڻجڻو آهي. هن چيو ته سنڌ کي ڪرپشن ۽ لاقانونيت خلاف مزاحمت ڪرڻي آهي. قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو چيو ته سنڌ تي 15 سالن کان حڪمراني ڪندڙن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي ته سنڌ جو قومي ڪارڪن شعوري طور تي پرامن جدوجهد جو حصو بڻيو آهي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، اشرف پليجو ۽ ٻين خطاب پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.