اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ: سلامتي ڪائونسل جو اجلاس بنا نتيجي ختم

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ بابت گڏيل قومن جو بند ڪمري ۾ هنگامي اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، نه باضابطا طور ٺهراءُ پيش ٿي سگھيو ۽ نه ئي گڏيل پڌرائي يا بيان جاري ٿي سگھيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪا طرفان ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو ته هو اسرائيل تي حماس جي حملي جي مذمت ڪن پر آمريڪي ۽ اسرائيلي دٻاءَ باوجود ڪيترن ئي ملڪن حماس جي حملن جي مذمت نه ڪئي.

آمريڪا، اسرائيل تي حماس جي حملن جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، اجلاس دوران روس سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ملڪن سان اتفاق نه ڪيو.

اجلاس دوران روسي سفير فوري جنگبندي ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل فلسطين بابت ڏهاڪن کان طئي ٿيل معاهدي تي عمل ڪري.

اجلاس دوران چيني سفير جو چوڻ هو ته هيءَ غير معمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪائونسل ڪجهه نه ڪيو، نه ته عام شهرين خلاف ڏنل بيان تي سمورن حملن جي مذمت ڪئي ويندي آهي.

ياد رهي ته ڇنڇر جي صبح غزا کان اسرائيل تي ست هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن کانپوءِ فلسطين ۽ اسرائيل ۾ جنگ ڇڙي وئي، فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جا اسرائيل تي زميني، سامونڊي ۽ هوائي رستي ڪيل حملن ۾ هڪ آفيسر ۽ پنجاهه صيهوني فوجين سميت ست سئو کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا جڏهن ته 22 سئو کان وڌيڪ زخمي ۽ سئو کان وڌيڪ يرغمال بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.