اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابو الحسنات تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا.
ان دوران شاهه محمود قريشي جي نياڻي ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهتا.
تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سائفر ڪيس ۾ جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ڏيندي 17 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.