حماس جو حملو، اسرائيل پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺڻ لڳو!

اسرائيل حماس سان جنگ ڇڙڻ کانپوءِ پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي رهيو آهي.

اسرائيل جتي هٿين خالي فلسطينن تي ظلم ۾ اضافو ڪيو اتي هن حماس سان جنگ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ به مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن لاءِ اسرائيل هاڻ سوشل ميڊيا جو به سهارو وٺي رهيو آهي.

عرب ميڊيا موجب، اسرائيل حماس حملي کانپوءِ پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ ۽ جنگ مڙهڻ جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ يوٽيوب جو سهارو ورتو آهي.

یوٹیوب کی جانب سے اسرائیل کیلئے چلائے جانے والے اشتہار کا اسکرین گریب

اسرائيل طرفان يوٽيوب جو استعمال ڪندي اشتهار هلارايو ويو جنهن ۾ حماس جي حملي کان پنهنجي شهرين کي محفوظ رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

يوٽيوب طرفان اسرائيل جو اشتهار هلائڻ کانپوءِ ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن ان جا اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا ۽ يوٽيوب جي پاليسي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو .

ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن ان کي اسرائيل جو هڪ پروپئگنڊا قرار ڏنو ته ڪجهه يوٽيوب طرفان اسرائيل جي ان اشتهار جي منظوري کي ڇرڪائيندڙ قرار ڏنو.

هڪ صارف سوشل ميڊيا تي لکيو ته غزا جي صورتحال تي ٽي وي ڪمرشل يا ميڊيا مهم سندس نظر مان تمام گهٽ گذري آهي پر هاڻ اسان ڪٿي آهيون؟ يوٽيوب اشتهار کي ان لاءِ چونڊيو ويو ته قتل درست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.