خبردار! گهرن ۾ گاڏي ڌوئڻ ۽ غلط پارڪنگ تي هاڻ ڳرو ڏنڊ لڳندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ گهرن ۾ گاڏي ڌوئڻ تي 3 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت چيو ته سموگ جو سيزن شروع ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري 6 مهينا اڳ تياري ڪرڻي پوندي آهي.
عدالت چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي سنگين ٿيندو پيو وڃي، تنهن ڪري گهرن ۾ گاڏيون ڌوئڻ تي 3 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي، جيڪا واسا جي خزاني ۾ ويندو.
ان سان گڏوگڏ عدالت شهر ۾ گاڏي جي غلط جاءِ تي پارڪنگ تي به 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.