ڊالر کانپوءِ ڀارتي ڪرنسي جي سمگلنگ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽمز اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي نيپال لاءِ بڪ ڪيل پارسل مان 3 لک رپين کان وڌيڪ جي ڀارتي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي.
آمريڪي ڊالر کانپوءِ ڀارتي ڪرنسي جي سمگلنگ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، ڪسٽمز ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ڪراچي کان نيپال لاءِ بڪ پوسٽل پارسل مان 3 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڀارتي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي.
ڪسٽمز ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڪوريئر ڪمپني ۾ نيپال لاءِ بڪ ڪيل پارسل کي چيڪ ڪيو ته نوٽ باڪس جي وچ ۾ ڀارتي ڪرنسي ڳجهي طريقي سان لڪائي وئي هئي.
ذريعن موجب اهو پارسل ڪراچي کان نيپال لاءِ محمد ساجد نالي شهري بُڪ ڪرايو هو پر ڀارتي ڪرنسي ضبط ڪري جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.