ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ پهرين روبوٽڪ سرجري، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ پهرين روبوٽڪ سرجري ٿي، ترجمان جي پي ايم سي موجب روبوٽڪ سرجري جراحي جي جديد ترين فارم آهي، جنهن سان 34 سالن جي مريض جي پتي جو آپريشن ڪيو ويو، جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول جي سربراهي ۾ ڊاڪٽر صدام ۽ ڊاڪٽر منصب 25 منٽن ۾ ڪامياب آپريشن سرانجام ڏنو هو، ترجمان جي پي ايم سي موجب جديد ترين روبوٽڪ سرجري پيٽ جي آپريشن جي لاءِ ڪافي آسان ۽ گهٽ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي، جنهن سان مريض جلد صحتياب ٿي ويندو آهي.