ايس ايڇ اوز بنا جواز هٽائڻ يا بدلي نه ٿيندا: ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز بي اختيار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايس ايڇ اوز کي هٽائڻ وارو معاملو، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز بي اختيار ٿي ويا، زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي بي اختيار ڪيو ويو اهي ڪراچي جي ڪنهن به ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي هٽائي يا بدلي نه ٿا ڪري سگھن، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند  پاران حڪم جاري ڪيا ويا، لکت ۾ حڪمن موجب زونل ڊي آءِ جيز يا ايس ايس پيز بنا ڪنهن جواز جي ڪنهن به ٿاڻي جي ايس ايڇ او هٽائي يا  تبديل نه ٿا ڪري سگهن، حڪم نامي موجب ڪنهن به ايس ايڇ او جي نااهلي ۽ برطرفي بابت ايڊيشنل آءِ جي آفيس ڪراچي کي اطلاع ڏيڻو پوندوم حڪم موجب ايس ايس پي ايس ايڇ او جي مقرري لاءِ 3 آفيسرن جا نالا زونل ڊي آءِ جي کي موڪليندو. زونل ڊي آءِ جي تصديق کانپوءِ 2 مناسب آفيسرن جي سفارش ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي موڪليندو، ايڊيشنل آءِ جي هڪ آفيسر جي ايس ايڇ او طور چونڊ ۽ مقرري جي منظوري ڏيندو، ذريعن موجب ڪجهه آفيسرن پاران من پسند ايس ايڇ اوز جي مقرري جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.