راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ سھولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ڊرائيور جي ضمانت منظور ڪري ورتي خبر موجب فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ سھولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل پير اسد شاھ جي ڊرائيور اعجاز قاضي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نديم بدر قاضي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي 50 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي واضح رھي ته جوابدار اعجاز قاضي مٿان الزام ھو ته ھن واقعي جي نامزد جوابدارن پير فياض شاھ ۽ حنا شاھ کي فرار ڪرايو جنھن بعد پوليس جوابدار جو نالو ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو ھو، جوابدار اعجاز قاضي جي وڪيل پاران عدالت کي سندس ڪيس مک جوابدارن کان ڌار ھلائڻ درخواست ڪئي ھئي جنهن بعد اڄ جوابدار جي ڪيس ٻڌڻي ٿي، اعجاز قاضي جي وڪيل جي استدعا تي عدالت سندس ضمانت منظور ڪري ورتي آھي،ڊرائيور اعجاز اگر ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ ملوث نه نڪتو کين آزاد ڪيو ويندو.