ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ ٽيم وڌيڪ مضبوط ٿي وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪيوي فاسٽ بالر ٽِم سائوٿي ڀارت ۾ ٽيم کي جوائن ڪري ورتو.

ٽِم سائوٿي ساڄي آڱر جي سرجري سبب دير سان اسڪواڊ کي جوائن ڪيو آهي.

واضح رهي ته ٽِم سائوٿي انگلينڊخلاف سيريز ۾ انجري جو شڪار ٿيو هو.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ اڄ به ٻه وارم اَپ ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ انگلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ جڏهن ته ٻي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.