ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو پيو وڃي.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان نيشنل سڪيورٽي اينڊ وار ڪورس ٽوئنٽي فور ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نگران صوبائي وزير، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
Karachi (October 2nd, 2023) The participants of National Security & War Course -24 called on the Caretaker Sindh Chief Minister at CM House. The inset shows Caretaker Sindh CM Justice (rtd) Maqbool Baqar addressing the participants. pic.twitter.com/NaYxBhMErB
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) October 2, 2023
وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪ آرمي، سول سروس، پوليس، آذربائيجان، نائيجريا ۽ سعودي عرب جا آفيسر شامل هئا.
ان موقعي تي چيئرمين پي اينڊ ڊي پي جي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس بريفنگ ڏني، جڏهن ته نگران وڏي وزير شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.
KARACHI: Caretaker Sindh Chief Minister Justice (rtd) Maqbool Baqar met with the participants of National Security & War Course-24, addressed them and responded to their questions here at CM House. pic.twitter.com/PO0ZaHMy2Z
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) October 2, 2023
نگران وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي سموري ملڪ جي ترقي برابر آهي، ڪراچي صنعتي ۽ ڪاروباري حساب سان معاشي مرڪز آهي، سنڌ ۾ مذهبي ۽ فرقيوار ڀائيچارو مثالي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ رينجرز ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جا غربت، غير قانوني پناهگير ۽ ڊرگ مافيا سميت ٻيا سبب آهن، هو سڀني کي ڏسي رهيا آهن.