ڪراچيءَ ۾ ڪروڙين ڊالرز گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف، ملوث ماڻهن جي فهرست تيار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ڊالرز مافيا طرفان پنجاهه ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ حساس ادارا ڏينهن رات جاچ ڪري رهيا آهن.

ذريعن موجب، حساس ادارن مختلف بئنڪن ۽ مني چئنجرز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ آمريڪي ڊالر سيميت ٻي غير ملڪي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن جي فهرست به تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڪرنسي کي انويسٽمينٽ سمجهي خريدڻ واري مافيا اڃا تائين پنجاهه ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز ۽ پرڏيهي ڪرنسي واپس جمع ناهي ڪرائي.

ذريعن موجب، اهڙي مافياز جي فهرست ۾ شامل ماڻهو ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا جي علائقي لياري، کارو در، مٺو در، صدر، باٿ آءِ لينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکن ٿا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ تيار ڪيل فهرستن ۾ شامل ماڻهن جي گهرن تي ٽارگيٽڊ ڪارروائيون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.