ويرات ڪوهلي اوچتو ڀارتي اسڪواڊ ڇڏي ممبئي هليو ويو!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سُپر اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي نيڌرلينڊز خلاف ٻي وارم اَپ ميچ کان اڳ اسڪواڊ ڇڏي ممبئي روانو ٿي ويو .

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽيم نيڌرلينڊز خلاف ٻي وارم اَپ ميچ لاءِ ڀارتي شهر ٿيرووننٿاپورم ۾ موجود آهي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي کي ذاتي سببن جي بنياد تي ممبئي روانو ٿيڻو پيو .

ميڊيا رپورٽن موجب، ڪولي ٽيم انتظاميا کان گواهاٽي مان ممبئي وڃڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، مئنيجمينٽ جي اجازت سان ڪوهلي ممبئي لاءِ روانو ٿيو، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته اڄ ڪوهلي جي اسڪواڊ ۾ واپسي ممڪن آهي.

ڪرڪ بز موجب، ڪوهلي جي اسڪواڊ ڇڏڻ جي تصديق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما وٽ ٻئي ٻار جي پيدائش جي امڪان جون خبرون سامهون آيون هيون، پر جوڙي طرفان اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪائي ترديد يا تصديق سامهون ناهي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.