عمران خان جي ضمانت واري درخواست: ان ڪئمرا ٻڌڻي بابت استدعا تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جي ان ڪئمرا ڪارروائي واري استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ضمانت جي درخواست تي ان ڪيمرا ٻڌڻي جي ايف آءِ اي جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر شاهه خاور چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل کي پبلڪ نه ٿو ڪري سگهجي، ڪجهه بيان ۽ ڪجهه مواد اهڙو آهي جيڪو پبلڪ ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، ٻين ملڪن بابت بيان به عدالت آڏو رکيا آهن، اهڙا بيان اوپن ڪورٽ آڏو آڻڻ سان ٻين ملڪ سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

ان دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل جو معاملو ڌار آهي، ڇا ضمانت جي ٻڌڻي به ان ڪيمرا ٿي سگهي ٿي؟ ان تي وڪيل چيو ته کيس ان بابت ڄاڻ ناهي، اوهان به ڏسي وٺو.

ٻڌڻي دورا چيف جسٽس عدالتي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏيکارڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته لائيو اسٽريمنگ ته ضرور ٿيندي، اسان معاملو فل ڪورٽ آڏو رکيو آهي.

عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جي درخاوست تي ان ڪئمرا ڪارروائي واري استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.