پنجاب پوليس شيخ رشيد کي هڪ هفتي اندر پيش ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ  پوليس کي هڪ هفتي اندر شيخ رشيد کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي خان اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ آر پي او راولپنڊي سيد خرم علي عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران عدالت آر پي او کان پڇاڻو ڪيو ته شيخ رشيد سان گڏ ٻيا ٻه همراهه ڪٿي آهن، اوهان عدالت کي لکت ۾ ٻڌائيندو يا شيخ رشيد کي پيش ڪندئو؟ جنهن تي آر پي او عدالت کان وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي.

ان تي عدالت چيو ته پندرنهن ڏينهن تمام گهڻا آهن هي عام معاملو نه آهي، ٻن ڏينهن جي مهلت به وڌيڪ هوندي.

جسٽس صداقت علي چيوته درخواست گذار سردار عبدالرزاق جي چوڻ تي وڌيڪ ستن ڏينهن جو وقت مهلت ڏيان ٿو، شيخ رشيد هڪ هفتي اندر پيش نه ٿيو ته عدالت ايف آءِ آر جو حڪم ڏيندي، شيخ رشيد سان گڏ گرفتار ٻه ماڻهو آزادي کانپوءِ ڇا چئي رهيا آهن.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.