رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهزادي محمد بن سلمان پنهنجين مهانگين ترين گاڏين مان هڪ مرسڊيز جو تحفو ڏئي ٻار جي خواهش پوري ڪري ڇڏي.
گفٽ وٺڻ ڪنهن کي پسند ناهي؟ تحفو جيڪڏهن مهانگو هجي ۽ اهو به ڪنهن مشهور شخصيت طرفان ڏنو ويو هجي ته ان کي هر ڪو خوشي سان قبول ڪندو آهي.
ائين ئي هڪ سعودي عرب جي ٻار سان به ٿيو جيڪو سعودي فرمانروا سان ملڻ لاءِ رش ۾ بيٺل هو ۽ خوش قسمتي سان ان دوران ٻار جي ملاقات محمد بن سلمان سان ٿي به وئي.
ٻار سعودي شهزادي سان ملندي ئي معصوميت ڀريل انداز ۾ هن جي مرسڊيز ڏانهن اشارو ڪندي مهانگي گاڏي جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن تي محمد بن سلمان چيو ته اوهان کي مرسڊيز گھرجي ته ٻار ها ۾ جواب ڏنو، محمد بن سلمان انتظاميا کي ٻار جي گھر جو پتو وٺڻ جو چيو.
View this post on Instagram
اوهان اهو ڄاڻي به حيران ٿيندئو ته ٻئي ڏينهن اها مرسڊيز گاڏي ٻار جي گھر به پهچي وئي جنهن سان گڏ ٻار جي تصوير به سوشل ميڊيا تي موجود آهي، ان کانسواءِ ان سڄي واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي شيئر ڪئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو جي وائرل ٿيندي ئي ٻار کي خوش نصيت سمجهيو پيو وڃي جڏهن ته سعودي شهزادي کي ٻار جي خواهش پوري ڪرڻ تي داد به ڏنو پيو وڃي.