اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيز ل تي تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي مارجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽروليم شين تي مڪمل رليف عوام تائين نه پهچي سگهيو.
پيٽرول ۽ ڊيزل تي مارجن ۾ 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب تيل ڪمپنين جو مارجن 47 پئسا في ليٽر وڌايو ويو ۽ ڊيلرز مارجن ۾ في ليٽر 41 پئسا واڌ ڪئي وئي.
پيٽرول تي او ايم سي مارجن 6.47 مان وڌي 6.94 رپيا في ليٽر ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل تي او ايم سي مارجن 6.70 رپين مان وڌي 7.17 رپيا في ليٽر ٿي ويو.
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي فريٽ مارجن به وڌائي ڇڏيو، ڊيزل تي فريٽ مارجن هڪ رپيو 78 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول تي 16 پئسا في ليٽر وڌايو ويو.
حڪومت ڊيزل تي 65 رپيا 70 پئسا في ليٽر ٽيڪسز ۽ 50 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪري رهي آهي، پيٽرول تي 80 رپيا 29 پئسا في ليٽر ٽيڪسز ۽ پيٽروليم ليوي 60 رپيا في ليٽر آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ 16 سيپٽمبر تي به پيٽرول، ڊيزل تي او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن في ليٽر 88 پئسا وڌايو ويو هو.
You might also like