هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي سامان تي پابندي لاڳو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي سامان جهڙوڪ پليٽن، ڪوپ، چمچي ۽ ڪانٽي وغيره تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ان کان اڳ 2022ع ۾ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته سيپٽمبر 2023ع ۾ ويلز اهڙي پابندي لڳائي هئي.
پليٽن ۽ ٻئي سامان سان گڏوگڏ هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ ٽري، ڏونگي ۽ ڦوڪڻن جي اسٽڪ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
برطانوي حڪومت طرفان لڳايل ان پابندي جو مقصد پلاسٽڪ جي گدلاني کي گھٽائڻ آهي.
هڪ ڪاٿي موجب برطانيا ۾ اهڙي پلاسٽڪ جي سامان جا 4 ارب يونٽ هر سال استعمال ڪيا ويندا آهن.
ماحوليات بابت وزير Therese Coffey ان پابندي جو اعلان جنوري ۾ ڪيو هو ۽ هاڻ ان کي لاڳو ڪيو ويو آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته پلاسٽڪ اسان اسان جي ماحول ۽ جنگلي جيوت تي تباهه ڪندڙ اثر پئجي رهيا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان نئين پابندي سان مستقبل جي نسلن لاءِ ماحوليات کي بچائڻ ۾ مدد ملندي.
ان نئين پابندي سان ٽيڪ اوي فوڊ وين، عام دڪاندار، اسٽال ۽ ريسٽورنٽس وغيره متاثر ٿيندا جڏهن ته اهڙي طرح جو سامان استعمال ڪرڻ تي ڳري ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي.
ماهرن موجب پلاسٽڪ جي مختلف سامان تي پابندي واهپيدارن کي وقتي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.