ترڪيه ۾ وڏي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ناڪام

ترڪيه ۾ آپگهاتي حملو، ڌماڪي جي وڊيو سامهون اچي وئي

ترڪيه (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي راڄڌاني انقره ۾ دهشتگرد حملي جي ڪوشس کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب انقره ۾ ترڪ پارليامينٽ جي عمارت جي ويجهو ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا.

ان کان پوءِ ترڪيه جي گھرو وزير Ali Yerlikaya ٻڌايو ته گھرو وزارت جي عمارت جي در تي ٻه دهشتگرد هڪ گاڏي ۾ پهتا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته مقامي وقت موجب صبح جو ساڍي 9 وڳي اتي هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

هن چيو ته ٻئي دهشتگرد فائرنگ ڪئي پر پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو.

هڪ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ترڪ پارليامينٽ جو اجلاس پهرين آڪٽوبر تي مقامي وقت موجب منجهند جو ٻه وڳي شيڊول هو.

ان واقعي کان پوءِ انقرا ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

اختيارين موجب واقعي کانپوءِ جاچ شروع ڪئي وئي اهي پر في الحال واضح ناهي ٿيو ته ان جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي.

ٻي پاسي انقره ڌماڪي جي وقت جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي.

وڊيو ۾ ڌماڪي سان هوا ۾ دونهون ۽ باهه لڳڻ جا منظر ڏسي سگھجن ٿا.

ڌماڪي سبب روڊن تي شهرين کي ڊپ وچان ڊوڙندي ڏسي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.