ڪراچي ۾ شهري جي فائرنگ ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا، هڪ زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جيل چورنگي فلاءِ اوور ڀرسان ڪار سوار شهري جي فائرنگ سان ٻه ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب جيل چورنگي فلاءِ اوور ڀرسان 3 ڦورو ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته ڪار سوار شهري مٿن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته زخمي پاڻ کي واٽهڙو ٻڌائي رهيا هئا پر جاچ ۾ خبر پئي ته اهي واٽهڙو نه مارجي ويل ڦورو جا ساٿي هئا، ٻيو ڦورو به سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهي.
پوليس موجب ڪار سوار شهري ڦورن تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.