دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪيا وڃن: مختلف ملڪن جو طالبان تي زور

افغانستان جي صورتحال تي روس ٿيندڙ اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ طالبان تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي افغانستان ۾ موجود سمورن دهشتگرد گروپن جا ٺڪاڻا ختم ڪن.
ماسڪو فارميٽ تحت روس جي شهر ڪازان ۾ افغانستان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چين، ڀارت، روس، پاڪستان ۽ افغانستان سميت ايران جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ڪازان اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته طالبان افغانستان مان سمورن دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪن، افغانستان ۾ سڀني ڌڙن جي نمائندگي ڪندڙ گڏيل حڪومت جلد جڙڻ گهرجي ۽ انساني حقن سان گڏ عورتن جي حقن جو به احترام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.