مڪي آرٿر ڀارت ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري ورتو

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر حيدرآباد دکن ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري ورتو.
پاڪستان ٽيم جي ترجمان موجب مڪي آرٿر انگلينڊ مان ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون مصروفيتون ختم ڪري ڀارت پهتو آهي، مڪي آرٿر ان کان اڳ ايشيا ڪپ ۾ ڪجهه ميچن لاءِ قومي ٽيم سان گڏ هو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته مڪي آرٿر هاڻ مڪمل طور پاڪستان ٽيم سان گڏ رهندو.
واضح رهي ته قومي ٽيم پنهنجي ٻي وارم اپ ميچ 3 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف کيڏندي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 6 آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.