شاهين آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتان بابر اعظم کان وڌيڪ اهم قرار!

مشهور ڀارتي ڪامينٽريٽر هرشا ڀوگلي ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي پاڪستان لاءِ ڪپتان بابر اعظم کان به وڌيڪ اهم قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ سان گفتگو ڪندي هرشا ڀوگلي چيو ته شاهين آفريدي هڪ حساب سان بابر اعظم کان وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته شاهين جيڪڏهن شروعاتي اوورن ۾ وڪيٽون ناهي وٺندو ته پوءِ توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڇا ٿيندو آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي پاور پلي ۾ وڪيٽون نه ملن ته پوءِ انهن جي بالنگ سائيڊ مختلف ٿي ويندي آهي، پاڪستان ٽيم لاءِ نسيم شاهه جي غير موجودگي به هڪ وڏو خال آهي.
هن چيو ته پاڪستاني اسپنرن کي سٺي راند پيش ڪرڻ جي ضرورت هوندي، منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي صورتحال اها هوندي ته ڇا پاڪستاني اوپنر سٺي راند کيڏي سگهندا؟ يا وري ڇا اسپنر مڊل اوورن ۾ سٺي بالنگ ڪري سگهندا؟
سندس موجب فخر زمان ۾ توڙي جو مسئلو آهي پر مون کي يقين آهي ته پاڪستان وٽ هڪ بهترين اوپننگ ڪامبينيشن آهي، امام دير سان ئي پر سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ عبدالله شفيق جهڙو ڪرڪيٽر موجود آهي ته ان کي ڇو نٿا کيڏائين؟ جيڪڏهن مستقل طور تي عبدالله ۽ امام کي اوپننگ ڏني وڃي ته بابر هڪ مختلف ڪرڪيٽر بڻجي سامهون ايندو، جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي.
هرشا ڀوگلي وڌيڪ چيو ته محمد رضوان، سلمان آغا، افتخار احمد ۽ سعود شڪيل سٺا بيٽر آهن پر ڇا توهان ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ انهن تي يقين ڪري سگهو ٿا؟ اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اهي ائين ڪن ٿا ته پاڪستان لاءِ تمام سٺو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جيڪي 3 اسپنر کنيا آهن اهي بيٽنگ به ڪري سگهن ٿا، شاداب خان سٺو بيٽر آهي، نواز به بيٽنگ ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.