چين جو چنڊ تي ويندڙ مشن پاڪستاني سيٽلائيٽ به کڻي ويندو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چنڊ لاءِ چين جو نئون مشن چينگ اي 6 پاڪستان جي هڪ سيٽلائيٽ کي به اتي کڻي ويندو.
چائنا نيشنل اسپيس ايڊمنسٽريشن (سي اين ايس اي) سوشل ميڊيا سائيٽ ويبو تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته چينگ اي 6 مشن 2024ع جي پهرين 6 مهينن ۾ چنڊ لاءِ روانو ٿيندو.
اهو مشن پاڪستان، يورپين اسپيس ايجنسي، فرانس ۽ اٽلي ڪي پي لوڊ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو.
چينگ اي 6 مشن ۾ فرانسيسي انسٽرومينٽ موجود هوندا جيڪي ريڊيو ايڪٽو گيس جي جاچ ڪندا.
بيان موجب پاڪستان جي ڪيوب سيٽ نالي مني ايچر سيٽلائيٽ کي به چنڊ جي مدار تي پهچايو ويندو.
چينگ اي 6 مشن چنڊ جي اونداهي حصي ۾ وڃي اتان جي سطح جي نمونن کي گڏ ڪري زمين تي موٽي ايندو.
بيان موجب ان مشن جو مقصد چنڊ جي مختلف خطن جي نمونن کي گڏ ڪرڻ آهي ته جيئن چنڊ جي عمر بابت وڌيڪ تفصيل حاصل ڪري سگھجن.
چينگ اي 6 کان پوءِ چين طرفان چينگ اي 7 روبوٽڪ مشن کي چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ موڪليو ويندو.
اهو مشن اتان جي برف جا آثار دريافت ڪندو جڏهن ته خطي جي ماحول ۽ موسم جي جاچ به ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.