آپريشن دوران همراهه جي معدي مان 150 شيون ڪڍيون ويون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽ جي سور ۾ مبتلا شخص جي معدي مان ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گھريلو شيون ڪڍيون ويون.
ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست پنجاب جي شهر موگا جي مقامي اسپتال ۾ پيٽ جي سور ۽ بخار ۾ مبتلا 40 ورهين جي شخص جي معائني کنا پوءِ ڊاڪٽرز تي انڪشاف ٿيو ته مريض جي معدي ۾ گھريلو استعمال جون شيون موجود آهن.
ڊاڪٽرن ٽي ڪلاڪ ڊگھي آپريشن کان پوءِ متاثر شخص جي معدي مان گھريلو استعمال جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شيون ڪڍي ورتيون. انهن شين ۾ بٽڻ، ايئرفون، سيفٽي پن، نٽ ۽ بولٽ سميت ٻيون شيون شامل آهن. متاثر شخص هڪ مهيني کان بيمار هو.
آپريشن کان پوءِ متاثر شخص کي لائيف سپورٽ تي رکيو ويو پر هو لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽرز موجب معدي ۾ موجود ڌاتي شيون انفيڪشن جو سبب بڻيون. فوتي جي خاندان وارن ڳالهه کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي ته فوتي اهي شيون ڪيئن ۽ ڪڏهن ڳيهي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.