ڪيويز خلاف وارم اَپ ميچ ۾ شاهين ۽ شاداب کان بالنگ نه ڪرائڻ جو سبب سامهون اچي ويو

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) شاهين ۽ شاداب عالمي ڪپ جي وارم اَپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف نائب ڪپتان شاداب خان ۽ شاهين شاهه سان بالنگ نه ڪرائڻ جو سبب سامهون اچي ويو.

ٽيم ذريعن موجب، عالمي ڪپ وارم اَپ ميچ لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ حڪمت تحت ٻنهي کان بالنگ نه ڪرائي، جڏهن ته مئينجمينٽ ٻين بالرن کي وڌيڪ ميچ پريڪٽس ڪرائڻ جي حق ۾ هئي.

ٽيم ذريعن جو چوڻ آهي ته وارم اَپ ميچ ۾ اسڪواڊ جي تمام پندرنهن ميمبرن کي موقعو ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ٽيم مئينجمينٽ ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ 2 وارم اَپ ميچز ۾ ڀارتي ڪنڊيشن ۾ پاڻ کي ايڊسٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.