واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي وال اسٽريٽ جرنل پرتشدد ڀارتي دفاعي پاليسي جو راز فاش ڪندي چيو آهي ته ڀارت پنهنجو جاسوسي نيٽورڪ اولهه ملڪن ۾ وڏي پيماني تي پکيڙي رکيو آهي ۽ مقامي ايجنٽس جي انگ ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.
آمريڪي رسالي جي رپورٽ موجب مودي حڪومت طرفان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي ڪنهن به ملڪ ۾ قتل جهڙين ڪاررواين جي مڪمل اجازت ڏني وئي آهي.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب مودي سرڪار جي اقتدار ۾ ايندي ئي ڀارت جي دفاعي پاليسي پرتشدد رنگ اختيار ڪري ورتو هو، 2014ع ۾ ڀارتي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر ٻين ملڪن کي کُليل ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته هاڻ اسان اتي وار ڪنداسين جتي ڏوهه ٿي رهيا آهن.
وال اسٽريٽ جرنل موجب ڀارت پنهنجي هٿ ٺوڪين الزامن جي جوابي ڪارروائي جي طور تي سڄي دنيا ۾ قتل عام پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، پاڙيسري ملڪن تي دهشتگردي جا بي بنياد الزام لڳائڻ ڀارتي ايجنسي را جي پراڻي رَوِش آهي جڏهن ته مودي راڄ ۾ پاڙيسري ملڪن جي خلاف ڪوڙين سازشن ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.
آمريڪي رسالي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيڊين وزيراعظم جي انڪشافن کان پوءِ ڀارت جي جارحاني دفاعي پاليسي دنيا جي آڏو وائکي ٿي وئي آهي، ماضي ۾ به ڀارت ٻين ملن ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي جن ۾ پاڪستان جي خلاف گوريلا فورس کي تيار ڪرڻ به شامل آهي.